عبدالله پنهور

عبدالله پنهور

عبدالله پنهور

عبدالله پنهور: ريڊئي، ٽي. وي ۽ اسٽيج جو مشھور راڳي عبدالله ولد حاجي سليمان پنھور، فيبروري 1937ع ڌاري ٺٽي ۾ ڄائو. ان وقت ٺٽو ضلعو ڪراچيءَ ۾ شامل هو. سندس پيءُ يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳائيندو هو. ننڍپڻ ۾ ڪراچيءَ جي وسندي لياريءَ جي ڪنڀار واڙي ۾ اچي رهيا. عبدالله پنھور کڏي واري مدرسي جامعه مظھرالعلوم مان مئٽرڪ پاس ڪري استادي پيشي سان وابسته ٿيو. ڳائڻ جي شوق سبب ماستري ڇڏي مختلف خانگي ادارن ۾ مزدوري ڪندو رهيو. سنگيت جي شروعاتي سکيا هن پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. عبدالله پنهور سنڌيءَ کان سواءِ بلوچي، اردو، سرائڪي ۽ گجراتي ٻولين ۾ به ڪلام ڳايا آهن. هن سنڌي فلم ’ويچاري ماءُ‘ سميت ٻيا ڪيترائي فلمي گانا، ريڊئي ۽ TV لاءِ ڪلام به رڪارڊ ڪرايا. شاهه لطيف جي ڪلام مان سر مارئي، سر مومل راڻو ۽ سر سارنگ سوز ۽ ترنم سان ڳائيندو هو. 20 سيپٽمبر 2020ع/02 صفر 1442هه تي 83 ورهين جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ميوا شاهه قبرستان ڪراچيءَ ۾ ٿي.


لفظ عبدالله پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو